قومي اسيمبليءَ سپريم ڪورٽ ريويو آف ججمنٽ آرڊر ۽ نيب آرڊيننس 1999ع ۾ وڌيڪ ترميم جو بل منظور ڪري ورتا، جنهن تحت سپريم ڪورٽ جي فيصلن خلاف اپيل 60 ڏينهن ۾ داخل ڪري سگهبي، ايوان سپريم ڪورٽ طرفان پارليامينٽ جي اختيارن ۾ مداخلت خلاف ۽ ڊيم فنڊ جي رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ وارا ٺهراءَ منظور ڪري ورتا.
قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ معمول جي ڪارروائي ملتوي ڪندي رٿ پيش ڪئي وئي، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو.
قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي ۾ نيب آرڊيننس 1999ع ۾ ترميم جو بل 2023ع پيش ڪيو، جيڪو ايوان اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.
اجلاس دوران قومي اسيمبلي ۾ فوجداري ضابطن 1908ع ۾ وڌيڪ ترميم جو بل به منظور ڪيو ويو.
اجلاس دوران ن ليگ شيزا فاطمه سپريم ڪورٽ طرفان پارليامينٽ جي اختيارن ۾ مداخلت خلاف پيش ڪيو، جيڪو ايوان منظور ڪري ورتو.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته هي ايوان پارليامينٽ جي قانونسازي جي آئيني اختيار ۾ مداخلت ڪرڻ واري سپريم ڪورٽ جي جارحاڻي ڪوشش کي سختيءَ سان رد ڪري ٿو.
پاس ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته پارليامينٽ جي قانون سازي واري اختيار کي نه ختم ڪري سگهجي ٿو نه ئي مداخلت ڪري سگهجي ٿي.
ٺهراءِ موجب ايوان واضح ڪري ٿو ته بجيٽ، مالياتي بل، اقتصادي معاملا ۽ وسيلن بابت منظوري ڏيڻ يا نه ڏيڻ جا سمورا اختيار پارليامينٽ وٽ آهن، ڪو به ادارو پارليامينٽ کان اهي اختيار کسي، معطل يا رد نه ٿو ڪري سگهي.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ائين ڪرڻ آئين جي بنيادي تصور جي ڀڃڪڙي ۽ آئين جي عمارت ڊاهڻ برابر آهي.
پاس ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ايوان ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ته پارليامينٽ طرفان منظور ڪيل عدالتي سڌارن وارو بل وجود ۾ اچڻ کان اڳ اٺ رڪني تڪراري بئنچ جوڙي تاريخ ۾ هڪ ڪاري ورڪ جو اضافو ڪيو ويو آهي.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ايوان وفاقي حڪومت کي هدايت ڪري ٿو ته ان سنگين ڀڃڪڙي جو جائزو وٺي ان جي درستگيءَ لاءِ آئين ۽ قانون موجب قدم کڻي.
اجلاس دوران علي موسيٰ گيلانيءَ ڊيم فنڊ جي رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ وارا ٺهراءَ پيش ڪيو جيڪو پڻ ايوان منظور ڪري ورتو.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ڊيم فنڊ ۾ گڏ ٿيل رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي، اها رقم ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ تي خرچ ٿيندي.
بعد ۾ اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.