قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي بعد ٻيهر ٿي رهيو آهي.
قومي اسيبمليءَ جو اجلاس 3 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.
اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور لاءِ فاتحه خواني ڪئي ويندي.
فاتحه خواني ۽ مغفرت جي دعا بعد مفتي عبدالشڪور لاءِ تعزيتي ريفرنس ٿيندو.
پارليامينٽ جي روايت موجب قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اڄ ايجنڊا جي ڪابه ڪارروائي نه ٿيندي.
تعزيتي ريفرنس بعد قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويندو.