قومي اسيمبليءَ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن لاءِ فنڊ ڏيڻ جو بل رد ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبليءَ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو قيصر احمد شيخ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ مني بل کي اتفاق راءِ سان رد ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز جي فراهمي کان معذرت ڪئي.
اجلاس ۾ مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي سخت پروگرام ۾ آهي، فنڊن جي کوٽ ۽ خسارو سامهون آهي.
سندس چوڻ هو ته سندن وٽ بجيٽ کانسواءِ اضافي فنڊز دستياب ناهن، اضافي فنڊز فراهم ڪيا ته اهو آءِ ايم ايف پروگرام کان مٿانهون هوندو، آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل خساري تائين محدود رهڻ چاهيون ٿا.