تازه ترين

قومي ٽيم ۾ ننڍي نه پر وڏي سرجري جي ضرورت آهي : محسن نقوي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته قومي ٽيم ۾ ننڍي نه پر وڏي سرجري جي ضرورت آهي، وقت اچي ويو آهي ته ٻاهر ويٺل ٽيلنٽ کي موقعو ڏنو وڃي.

ميچ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي ڀارت خلاف وڏي ميچ ۾ قومي ٽيم جي شڪست تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ جي شڪست هر لحاظ کان مايوس ڪندڙ هئي.

هن چيو ته پهريان لڳندو هو ته ٽيم جو ننڍڙي سرجري سان ڪم هلي ويندو پر اڄ جيم ميچ کانپوءِ پڪ ٿي وئي ته ٽيم ۾ وڏي سرجري جي ضرورت آهي.

چيئرمين پي سي بي چيو ته قوم جلد وڏي تبديلي ڏسندي، سندس سڀ کان وڏو چئلينج ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ آهي.

هن چيو ته اسان کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ٽيم تيار ڪرڻي آهي، اهو وقت ٻاهران ويهڻ ۽ نئين ٽيلينٽ کي موقعو ڏيڻ جو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي دنيا جي بهترين ٽيم بڻائڻو آهي، سڀني کي خبر آهي ته ٽيم ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ هارائڻ جا ڪهڙا سبب آهن.

چيئرمين پي سي بي وڌيڪ چيو ته قوم کي ڪرڪيٽ ٽيم کان اهڙي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي جي اميد نه هئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
46 %
1kmh
7 %
اڱارو
8 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون