پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايلمينيٽر ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏئي پي ايس ايل ايٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءَ ڪري ورتو.
لاهور ۾ کيڏل ميچ ۾ پشاور جي ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنسون ٺاهيون.
پشاور طرفان محمد حارث 85، بابر اعظم 42 ۽ راجا پاڪسي 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
لاهور طرفان راشد خان ۽ زمان خان 2-2 ۽ شاهين شاهه آفريديءَ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پشاور طرفان مليل 172 رنسن جو حدف لاهور جي ٽيم 18 ڏهائي 4 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
لاهور طرفان مرزا بيگ 54، سيم بلنگز 28، سڪندر رضا 23، احسان حفيظ 15 ٺاهي نمايان رهيا..