لاھور ھاءِ ڪورٽ سرڪاري زمين فوج کي ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ لاءِ 30سالن جي ليز تي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو.
لاھورھاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين فوج کي ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ لاءِ 30سالن جي ليز تي ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
درخواستگذار جو چوڻ ھو تھ پنجاب جي گورنر کي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو ڪو اختيار نھ آھي، نگران حڪومت جو ڪم روز جا معمول وارا معاملا سرانجام ڏيڻ آھي، نگران حڪومت کي مستقل بنيادن تي پاليسي جا فيصلي ڪرڻ جو اختيار نھ آھي.
عدالت سرڪاري زمين فوج کي ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ جي لاءِ ليز تي ڏيڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪندي وفاقي حڪومت کي 9مئي تائين جواب جمع ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جڏھن تھ اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي معاونت لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا.