لاهور هاءِ ڪورٽ پاران فواد چوڌري کي هر صورت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پنجاب ۽ اسلام آباد جي آءِ جيز کي طلب ڪري ورتو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ فواد چوڌري معاملي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت پي ٽي آئي اڳواڻ کي ڏيڍ وڳي تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
وقفي بعد ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي پر فواد چوڌري کي پيش نه ڪيو ويو، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته فواد چوڌري ڪٿي به آهي جلد عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
تحريڪ انصاف جي وڪيل ٻڌايو ته اطلاع آهن ته فواد چوڌري کي اسلام آباد وٺي ويا آهن، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ حڪم ڏنو ته مان جيڪو آرڊر ڏيندو آهيان اهو عملدرآمد جي لاءِ ڏيندو آهيان، منهنجو آرڊر آهي ته فواد چوڌري کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
ان موقعي تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته اڌ ڪلاڪ مهلت ڏيو، هاڻي ئي عملدرآمد ڪيان ٿو، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اڌ ڪلاڪ بعد ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪئي وئي جنهن ۾ به فواد چوڌري کي پيش نه ڪيو ويو ته عدالت ٻڌڻي 3 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، 3 وڳي ٻڌڻي شروع ٿي ته فواد چوڌري جي وڪيلن عدالت کي آگاهه ڪيو ته پوليس فواد چوڌري کي اسلام آباد ڏانهن وٺي وئي آهي، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اسلام آباد پهچي به ويا آهن ته انهن کي واپس وٺي اچو.
ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته هڪ ڪيس درج ٿيو آهي، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته مان اوهان کي بعد ۾ ٻڌندس، پهريان آرڊر تي عملدرآمد ڪيو.
عدالت آءِ جي پنجاب ۽ آءِ جي اسلام آباد کي طلب ڪندي ٻڌڻي شام ڇهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.