لاهور چيمبر آف ڪامرس جي صدر ڪاشف انور ڀارت سان واپار کولڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي لاهور چيمبر آف ڪامرس اچڻ جي موقعي تي تقرير ڪندي ڪاشف انور چيو ته ٻئي مُلڪ هن وقت دُبئي رستي ڪاروبار ڪري رهيا آهن جيڪا مهانگي ثابت ٿي رهي آهي ٻن طرفن جو ڪاروبار ٿيندو ته ان ۾ فائدو ٿيندو.
هوڏانهن ڀارتي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڀارت دنيا جي وڏي طاقت آهي تجارت پاڪستان ۽ ڀارت کي ويجهو آڻي سگهي ٿي، ڀارت آءِ ٽي ۽ موبائل سيڪٽر ۾ ترقي ڪري چڪو آهي پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪٻئي جي ٽيڪنالاجيز مان فائدو وٺڻ گهرجي.