لاهور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پي ايس ايل ميچ کان واپس ايندڙ پوليس وين تي حملو ڪري گاڏي جا شيشا ڀڃي ڇڏيا.
پي ٽي آءِ ڪارڪنن حملي دوران ڏنڊن جو وسڪارو لهاي پوليس وين جون لائيٽون ۽ اسڪرين ڀڃي ڇڏي جڏهن ته وين ۾ موجود اهلڪارن ڀڄي جان بچائي.
پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس وين مان ٻه رائفلون به ڪڍي کڻي ويا، مڇريل ڪارڪنن گاڏي کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو.
هوڏانهن پنجاب حڪومت پوليس وين تي حملو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.
نگران پنجاب حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شرپسندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.