لاڙڪاڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان قتل ٿيل پنجن ٻارن جي امڙ صبيحه قادري جو ڪيس سندس مڙس ۽ ٽن ڏيرن مٿان داخل ڪيو ويو.
رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر پاڙي ۾سومر ڏهاڙي گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان قتل ٿيل پنجن ٻارن جي امڙ صبيحه قادري جو قتل ڪيس مقتولا جي ڀاءُ فهد علي قادري جي فرياد تي فياض ۽ سندس ڀائرن امتياز ۽ مشتاق قادري مٿان داخل ڪيو ويو.
ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار فياض سندس ڀيڻ صبيحه کي مختلف وقتن تي تشدد جو نشانو بڻائيندو هو جنهن ڪالهه پنهنجي ڀائرن سان گڏجي تيز ڌار ڇُري سان ڀيڻ صبيحه کي قتل ڪيو آهي، هوڏانهن اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ پوليس جوابدارن جي گرفتار لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ان حوالي سان رحمت پور ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن کان ئي جوابدار پنهنجا گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري مقتولا عورت جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو ويندو.