لاڙڪاڻي ويجهو عمراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پلاٽ جي مالڪي جي تڪرار تان جوابدارن گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي عورت کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
ڪنگا ٿاڻي جي حد نور ڪالوني ۾ جوابدارن گوليون هڻي 6 ٻارڙن جي ماءُ مسمات هزاري عمراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
مقتول عورت جي پٽ جو چوڻ آهي ته پلاٽ جي معاملي تان جوابدارن ذوالفقار، ديدار، لياقت، رفيق عمراڻي ۽ ٻين گهر ۾ داخل ٿي امڙ کي قتل ڪيو آهي.
هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته سندس امڙ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.