لاڙڪاڻي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، ڏوهاري پوليس وردي پھري سرڪاري هٿيار کڻي ڌاڙا هڻڻ لڳا آهن.
گذريل رات دير سان شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاھو ٻوراهو ۾ پوليس وردي پهريل چورن اٽي چڪي مالڪ ظفر بروهي جي گهر جي ڀت ٽپي هٿيارن جي زور تي مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي يرغمال بڻائي گهر ۾ پيل 8 لک روپيا روڪ رقم، 4 تولا سونا زيور ۽ هڪ موبائل فون کڻي فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ ڪئي.
ان موقعي تي ظفر بروهي ٻڌايو ته گذريل رات دير سان 10 کان وڌيڪ پوليس وردي پهريل چورن سرڪاري رائفلون ساڻ ڪري گهر جي ڀت ٽپي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 8 لک روپيا روڪ رقم، 4 تولا سونا زيور ۽ هڪ موبائل فون کڻي فرار ٿي ويا.
هن چيو ته اهڙي واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو پر پوليس هن وقت تائين چورن جو ڏس پتو نه لڳائي سگهي آهي.
متاثر لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پوليس وردي پهريل چورن کي گرفتار ڪري روڪ رقم، سونا زيور ۽ موبائل فون واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.