- Advertisement -
لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله اسرائيل کان سينيئر ڪمانڊر طبطبائي جي قتل جو پلاند وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.
عرب ٽي وي موجب، حزب الله سربراهه نعيم قاسم ٽيليويزن تي نشر ڪيل تقرير ۾ چيو ته سينيئر ڪمانڊر طبطبائي جي قتل جو پلاند وڻ لاءِ اسرائيل تي حملي جو وقت تعين ڪندا.
سندس چوڻ هو ته حزب الله کي اسرائيلي حملي ۾ پنهنجي سينيئر ڪمانڊر جي شهادت جو جواب ڏيڻ جو حق حاصل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته حزب الله ڪمانڊر تي اسرائيلي حملو اڳرائي هئي، لبناني حڪومت کي مقابلو ڪرڻ لاءِ منصوبو تيار ڪرڻ گھرجي.
واضع رهي ته گذريل ڏينهن اسرائيلي فوج لبنان جي راڄڌاني بيروت تي هوائي حملي ۾ حزب الله جي چيف آف اسٽاف علي طبطبائي کي شهيد ڪيو هو
- Advertisement -
