ارجنٽينا کي فٽبال رولڊڪپ کٽرائيندڙ ليونل ميسي کي سعودي فٽبال ڪلب پاران 400 ملين يورو جي معاهدي جي آڇ ڪئي وئي آهي.
پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو کانپوءِ سعودي فٽبال ڪلب طرفان ليونل ميسي کي 400 ملين يورو سالياني معاهدي جي آڇ ڪئي وئي.
خليج ٽائمز جي رپورٽ موجب مشهور صحافي فابريزيو رومانو انڪشاف ڪيو آهي ته سعودي ڪلب الهلال طرفان ليونل ميسي کي مبينا طور 400 ملين يورو سيالياني معاهدي جي آڇ ڪئي وئي آهي.
ميسي هلندڙ سيزن جي پڄاڻيءَ تي فرانسيسي فٽبال ڪلب پيرس سينٽ جرمن کي ڇڏڻ جو ارادو رکي ٿو.
ٻئي پاسي اهي خبرون به هلي رهيون آهن ته ميسي جي ئي ڪنهن ڪلب لاءِ کيڏڻ جو خواهشمند آهي.
ليونل ميسي سعودي ڪلب جي اها آڇ قبول ڪري ٿو ته هو پنهنجي حريف ڪرسٽيانو رونالڊو سان گڏجي ويندو، جيڪو اڳ ئي النصر جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.