ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪي ادارا هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن، موجوده نظام ڊليور نه پيو ڪري، ملڪي مسئلن جو سبب سياسي، جڊيشل، فوجي قيادت جي گڏيل ناڪامي آهي، هٿرادو ليڊرشپ ملڪ لاءِ نقصانڪار هوندي آهي، حقيقي ليڊرشپ نه هوندي ته ملڪ اڳتي نه وڌندو، ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهيا وڃن، ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ جا نتيجا سڀ ڀوڳي رهيا آهن.
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته بدقسمتيءَ سان سڀ تماشائي بڻيا ويٺا آهن، اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته نظام نه پيو هلي.
هن چيو ته سياسي دشمني نفرت ۾ تبديل ٿي وئي آهي، ملڪ جا ادارا هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آهن.
شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪي مسئلن جو سبب سياسي، جڊيشل، فوجي قيادت جي گڏيل ناڪامي آهي، معاملا حل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جنهن ملڪ ۾ ڏڦيڙ هجي ان جي دنيا ۾ ڪا به حيثيت ناهي هوندي، تسليم ڪرڻو پوندو ته ملڪي معاملا ڏکيائي ۾ آهن، بنيادي سوال اهو آهي ته معيشت جي حالت ڇا ۽ ترجيحون ڇا آهن.
شاهد خاقان عباسي چيو ته هٿرادو ليڊرشپ ملڪ لاءِ نقصانڪار هوندي آهي، حقيقي ليڊرشپ نه هوندي ته ملڪ اڳتي نه وڌندو.
اڳواڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهيا وڃن، هنن ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهيون، جنهن جا نتيجا سڀ ڀوڳي رهيا آهن.
شاهد خاقان عباسي چيو ته منجهن ايتري صلاحيت ناهي ته رولز آف بزنس کي تبديل ڪن، سمورين شين کي درست ڪرڻو پوندو، اها حڪومت جي ناڪامي آهي، اها سمجهي نه سگهي ته سندس اصل ذميواري ڪهڙي آهي.