مالي مشڪلاتن جي شڪار سريلنڪا ھڪ لک ڀولڙا وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جڏھن تھ جانورن جي حقن جي تنظيمن فيصلي تي خدشن جو اظھار ڪيو آھي.
سريلنڪا جي زراعت واري وزير مھندرا اماراويرا جو چوڻ آھي تھ اھي جانور سريلنڪا ۾ عام آھن، چين کي 1000چڙيا گھرن لاءِ اھي ڀولڙا وڪرو ڪيا ويندا.
سريلنڪا جي زراعت واري وزير مھندرا اماراويرا چيو تھ ڀولڙن جي وڌندڙ آبادي نھ رڳو فصلن کي نقصان پھچائي رھي آھي پر ھو انسانن تي بھ حملا ڪري رھيا آھن.
واضح رھي تھ سريلنڪا ڪيترن ئي جانورن کي حفاظتي فھرست مان خارج ڪري ڇڏيو آھي جن ۾ ٽن قسمن جا ڀولڙا، مور ۽ جنگلي خنزير شامل آھن، ھاڻي آبادگار تحفظ لاءِ کين ماري سگھن ٿا.
ٻئي طرف سريلنڪا ۾ جانورن جي تحفظ جي تنظيمن حڪومتي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو آھي تھ گذريل 40 سالن کان ڀولڙن جي سروي ناھي ڪئي وئي، ڪير نھ ٿو ڄاڻي تھ انھن جو اصل تعداد ڪيترو آھي، سڀ کان پھريان انھن جو تعين ڪرڻ ضروري آھي.