مالڪڻ جي جان بچائيندڙ ٻِلي قومي مقابلو کٽي ورتو.
شگر جو شڪار عورت اعتراف ڪيو آهي ته رات جي وقت هو بيهوش ٿيڻ واري هئي ته پاليل ٻلي وِلو کيس ڪرڻ کان بچايو ۽ کيس بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي.
مالڪڻ کي بچائيندڙ ٻلي وِلو کي اول انعام ڏنو ويو جيڪا برطانوي ڳوٺ پريڪسوٽ ۾ امينڊا جيمسن جي گهر ۾ رهي ٿي.
51 ورهين جي امينڊا موجب شگر گهٽجڻ سبب هو ڪري رهي هئي ته ٻلي اهو منظر ڏسي پئي ۽ ڀڄندي وڃي ننڊ ستل مڙس جي پير ۾ هلڪو رنبوٽو هڻي کيس سڄاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هو سڄاڳ ٿيو ته ٻلي هُن وٽ وٺي آئي.
هن ٻڌايو ته مڙس کيس ٻيهوشي جي حالت ۾ ڏسي ايمبولينس گهرائي ۽ ٻڌايو ته هو جڏهن ٽي وي ڏسڻ بعد آرام ۾ هليو ويو ته ٻلي سندس پير کي رهڙ هڻي سڄاڳ ڪري ڪمري ۾ وٺي آئي.