پاڪستان شوبز جي خوبصورت اداڪارا ماهرا خان سان مداح ملاقات دوران ڀاڪر پائي روئي ويٺي.
اداڪارا ماهرا خان پاڪستان شوبز جي سپر اسٽار آهي، سندس پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مداح موجود آهن ۽ هو اداڪارا جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بي قرار رهندا آهن.
ماهرا خان هميشه مداحن سان ملندي رهندي آهي ۽ ان لاءِ هو خوش مزاج اداڪارا جي طور سڃاتي به ويندي آهي، ماهرا پنهنجي مداحن سان ملڻ ۽ ساڻن گڏ تصويرون ٺاهڻ تي ڪڏهن به انڪار نه ڪندي آهي.
ماهرا خان هڪ تقريب ۾ موجود هئي جتي مداحن کيس گهيري ورتو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي، هڪ مداح اداڪارا کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ کيس ڀاڪر پائي روئي پئي.
ماهرا خان پنهنجي مداح کي ڀائر پائي تسلي ڏني ۽ ساڻس گڏ تصويرون به ٺاهيون، مداحن طرفان ملندڙ پيار ڏسي اداڪارا به جذباتي ٿي وئي ۽ سندن ٿورا مڃيا.
واضح رهي ته ماهرا خان پنهنجي فلم قائد اعظم زنده آباد ۽ دي ليجنڊ آف دي مولاجٽ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر آئي هئي.