مبارڪپور ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن ڄڻن هڪ ٻئي کي چاقون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ بشير پٺاڻ ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن ماساتن ۾ جهيڙو ٿي پيو.
ڳاهيجا کان آيل محمد رمضان ڪيهر چاقن جا وار ڪري نظام الدين کي قتل مرڻينگ ڪري ڇڏيو.
نظام الدين ڪيهر به محمد رمضان ڪيهر کي چاقن جا وار ڪري سخت زخمي ڪري وڌو.
هڪ ٻئي تي چاقن جا وار ڪندڙ ٻنهي ڄڻن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٻنهي نوجوانن جا مڙهه گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
ٻن نوجوانن جي مارجڻ بعد سندن وارثن جون عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويو ۽ واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيهر برادري ۾ پراڻي تڪرار تان نوجوانن هڪ ٻئي کي چاقن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.