بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته مخالف ڌر سان في الحال ڪي به ڳالهيون نه پيون ٿين، هو ادارن سان ٽڪراءُ نه ٿا چاهن، پارليامينٽ جي حدن جو تحفظ ڪيو ويندو.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته جڏهن به ٽڪراءُ ٿيو ته نقصان ئي ٿيندو آهي، هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري.
هن چيو ته پارليامينٽ جي حدن جي ڀڃڪڙي ٿي ته آئين موجب قدم کنيا ويندا.
خواجه آصف چيو ته هو پارليامينٽ جا اختيار ڪنهن کي به اورانگهڻ نه ڏيندا، ٽڪراءُ سان نقصان ٿيندو، ان ڪري هو ڪا به اڳڪٿي نه ڪندو.