مدئجي ويجهو پوليس ڏوهارين جي اطلاع تي مختلف ڳوٺن تي چڙهايون ڪري شڪ جي بنياد تي 10 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري وئي.
شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ عيدن بروهي تي چڙهائي ڪري 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس بنا ڪنهن جواز جي سندن گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري 8 کان وڌيڪ ماڻهن کي کنڀي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي جي حڪم تي روپوش ڏوهارين جي گرفتارين لاءِ مختلف ڳوٺن ۾ ڪارروايون ڪري شڪ جي بنياد تي ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن.