مديجي ويجهو عيد جي موڪلن تي گهرن ڏانهن ويندڙ 13 فوجي جوانن کان هٿياربند ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا.
جلباڻي لاڙي ڀرسان ڦورو، 13 فوجي جوانن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا آهن.
فوجي جوانن جو چوڻ هو ته هٿياربندن سرعام روڊ تي ڦرلٽ ڪئي پر پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي، اسان پاڻ ٿاڻي تي پهچي پوليس کي اطلاع ڏنو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع ملي ويو آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.