مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
مفتي عبدالشڪور ميرٽ کان سيڪريٽريٽ طرف وڃي رهيو هو ته ساڻس حادثو پيش آيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شاهراهه دستور تي هڪ گاڏي مفتي عبدالشڪور جي گاڏي کي ٽڪر هنيو.
پوليس موجب حادثي بعد مفتي عبدالشڪور جو لاش پولي ڪلينڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف طرفان مفتي عبدالشڪور جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.