سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ گمبٽ کي هيلٿ سٽي جو درجو ڏيڻ بابت اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صحت واري وزير عذرا پيچوهو، صوبائي وزير اسماعيل راهو، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گمبٽ ۾ گمس انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جهڙي وڏي اسپتال موجود آهي.
هن چيو ته چاهيون ٿا ته صحت بابت ٻيون سهولتون به گمبٽ جي اسپتال ۾ فراهم ڪيون وڃن.
مراد علي شاهه چيو ته گمس اسپتال ۾ فيملي ڪلينڪ، بون ميروٽرانسپلانٽ، پولي ڪلينڪ، ڪميونٽي اسپتا قائم ڪيا وڃن.
هن چيو ته گمبٽ ۾ جنهن جاءِ تي هيلٿ سٽي قائم ڪري رهيا آهيون، اتان روهڙي ڪينال گذري رهيو آهي، هيلٿ سٽي قائم ٿيڻ سان گمبٽ شهر سياحت جي حوالي سان به اهم ٿي ويندو.
وڏي وزير چيو ته گمبٽ هيلٿ سٽي لاءِ ڪنسلٽنٽ هائير ڪيا ويندا، بايو ميڊيڪل انجنيئرنگ ڪالج گمبٽ ۾ قائم ڪيو ويندو…….