گيس جي لوڊشيڊنگ بابت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان توانائي واري ممڪلتي وزير مصدق ملڪ ملاقات ڪئي جنهن دوران گيس جي بحران جي خاتمي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ گيس جو بحران آهي، لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو پريشان آهن، گيس جي بحران سبب صنعتي سيڪٽر تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، گيس جي ورهاست واري پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي، گيس پيدا ڪندڙ صوبي کي گيس ملڻ گهرجي.
گيس جي لوڊشيڊنگ بابت وڏي وزير مراد علي شاهه سان توانائي واري ممڪلتي وزير مصدق ملڪ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران صوبائي وزير امتياز شيخ، پيٽروليم واري سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ملاقات دوران گيس جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي ڪميٽي ميمبرن جا نالا ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت طرفان طئي ڪيا ويندا.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، ڪميٽي ايندڙ 15 ڏينهن ۾ پنهنجون پنهنجون تجويزون ڏيندي، 15 ڏينهن بعد اجلاس ٿيندو جنهن ۾ فيصلا ٿيندا.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ گيس جو بحران آهي، لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ملڪ ۾ 33 هزار 581 ايم ايس سي ايف ڊي گيس پيدا ٿيندي آهي جنهن مان سنڌ 21 کان 22 سئو ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ 62 کان 63 سيڪڙو گيس سنڌ پيدا ڪندي آهي، سنڌ ۾ گيس جي گهرج 16 کان 17 سئو ايم ايم سي ايف ڊي آهي پر ان جي ابتڙ سنڌ کي 6 کان 7 سئو ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪئي پئي وڃي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گيس جي کوٽ سبب انڊسٽريل سيڪٽر متاثر ٿيو آهي، سندن صنعت جو ڦيٿو جام ٿيندو پيو وڃي، سنڌ جو حق آهي ته سندس گيس مان حصو ڏنو وڃي، رمضان المبارڪ دوران لوڊشيڊنگ روزيدارن لاءِ وڏو مسئلو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه مملڪتي وزير تي زور ڀريندي چيو ته گيس جي ورهاست واري پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي، گيس پيدا ڪندڙ صوبي کي گيس ملڻ گهرجي.
مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ 32 سئو ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ٿيندي آهي، 200 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فلڊ ڪمپريسرز لاءِ استعمال ٿيندي آهي.
سندس چوڻ هو ته 3 هزار ايم ايم سي ايف ڊي گيس مان 14 سئو پاور سيڪٽر کي فراهم ڪئي ويندي آهي.
مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته پائپ لائن مان 16 سئو ايم ايم سي ايف ڊي گيس ايس ايس جي سي ۽ ايس اين جي سي کي فراهم ٿيندي آهي.