سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نيو ڪراچي ۾ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي چئن فائر فائيٽرن جي عمارت ۾ فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو، سندس چوڻ آهي ته اها سندن فائر فائيٽرن جي ڪمٽمينٽ هئي ته فيڪٽري کي بچائڻ ۾ پنهنجي جان جي بازي هارائي ويا، فائر فائيٽرز سندن هيرو آهن.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نيو ڪراچي ۾ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
وڏي وزير پاران چئن فائر فائيٽرن جي عمارت ۾ فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اها سندن فائر فائيٽرن جي ڪمٽمينٽ هئي ته فيڪٽري کي بچائڻ ۾ پنهنجي جان جي بازي هارائي ويا، فائر فائيٽرز سندن هيرو آهن.
وڏي وزير ليبر ڊپارٽمينٽ کان واقعي جي جاچ رپورٽ طلب ڪندي چيو ته باهه لڳڻ جو اصل سبب ڪهڙو هو، اهڙو ڪهڙو سبب هو جو باهه وسائڻ جي ڪم جو طريقو صحيح نه هو، فيڪٽري جي انسپيڪشن ڪڏهن ٿي هئي ۽ ڪهڙي رپورٽ هئي.