سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورنگي نمبر پنج ۾ چلڊرين اسپتال جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پ پ حڪومت طرفان هي اسپتال ڪورنگي ضلعي جي عوام لاءِ تحفو آهي، سنڌ سرڪار ڪورنگي لاءِ بهترين روڊ، انفرا اسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ ڏئي خدمت ڪئي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورنگي نمبر پنج ۾ چلڊرين اسپتال جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي پهچڻ تي صوبائي وزير عذرا پيچوهو، سيڪريٽري صحت ۽ اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر آڌرڀاءُ ڪيو.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، وڏي وزير مراد علي شاهه اسپتال جي مختلف وارڊن، ليبارٽري ۽ او پي ڊي جو دورو ڪيو جڏهن ته ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جمال رضا اسپتال بابت آگاهي ڏني.
افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪورنگي جي ماڻهن کي اسپتال جي قيام تي مبارڪ پيش ڪريان ٿو، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊر نيونيٽولاجي کي به اهڙي بهترين سهولت جي قيام تي مبارڪ ڏيان ٿو.
هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ جنهن انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ڪيو اهو سڄي شهر جي سمورن اسپتالن کان وڌيڪ سهولتون رکندڙ آهي، اهڙا انسٽيٽيوٽ سڄي صوبي جي شهرن ۾ قائم ڪيا پيا وڃن جنهن تي ڪم پهريان کان جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته پ پ حڪومت طرفان هي اسپتال ڪورنگي ضلعي جي عوام لاءِ تحفو آهي، سنڌ سرڪار ڪورنگي لاءِ بهترين روڊ، انفرا اسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ ڏئي خدمت ڪئي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو هتي عذرا پیچوهو سان گڏ ڪورنگي ۾ ٻارن جي اسپتال جو افتتاح ڪرڻ آيو آهي، هڪ ايڪٽ تحت هي ادارو قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ خانگي اسپتال کان وڌيڪ سهولتون موجود آهن، هتي 52 انڪيوبيٽر آهن.
سندس چوڻ هو ته اسپتال ۾ او پي ڊي، ريڊيولاجي، آءِ سي يو، جنرل پيڊياٽرڪس، فارميسي ۽ ليب سميت ٻيون سهولتون شامل آهن، مناسب سهولتن سان تازن ٻارڙن کي موت کان 80 سيڪڙو محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد به هن جهڙيون اسپتالون ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، کين تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.
ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل بخيت الروميٿي جي دعوت تي ويزا سينٽر جو دورو ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ قائم هي ويزا مرڪز ايشيا ۾ سڀ کان وڏو مرڪز آهي، جيڪو سنڌ جي عوام لاءِ يو اي اي ۾ روزگار لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل بخيت الروميٿي جي دعوت تي ويزا سينٽر جو دورو ڪيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه سان صوبائي وزير ناصر شاهه به گڏ هو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي ويزا مرڪز پهچڻ تي يو اي اي جي قونصل جنرل آڌرڀاءُ ڪيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه ويزا سينٽر جي مختلف شعبن جو معائنو به ڪيو.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل، وڏي وزير مراد علي شاهه کي ويزا سينٽر جي مختلف شعبن بابت آگاهي ڏني.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ قائم هي ويزا مرڪز ايشيا ۾ سڀ کان وڏو مرڪز آهي، جيڪو سنڌ جي عوام لاءِ يو اي اي ۾ روزگار لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.