مستقبل ۾ اُڏامندڙ موٽر سائيڪل به متعارف ڪرائي وئي آهي.
فلم سيريز اسٽار وارز کان متاثر ٿي تيار ڪيل دنيا جي پهرين اڏامندڙ موٽر سائيڪل گڏيل عرب امارات ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي.
اِها موٽر سائيڪل ڪجهه عرصو اڳ جاپان ۾ تيار ڪئي وئي هئي پر گڏيل عرب اِمارات جي هڪ ڪمپنيءَ، هڪ جاپاني ڪمپنيءَ سان گڏجي هيءَ موٽر سائيڪل تيار ڪئي آهي.
مستقبل جي اِها موٽر سائيڪل ابوظهبي ۾ هڪ تقريب دوران پيش ڪئي وئي.
موٽر سائيڪل کي ايوي ايشن ۽ اسپيس انڊسٽريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ انتهائي مضبوط ڪاربن فائبر سان تيار ڪيو ويو آهي، اِن جو وزن 300 ڪلو آهي.
هيءَ موٽر سائيڪل هوا ۾ 20 ميٽرن جي بلنديءَ تي 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان چاليهن منٽن تائين سفر ڪري سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ ان ۾ ٻارڻ ڀرڻ جي ضرورت پوندي.
جاپان ۾ هن موٽر سائيڪل جو ٽرائل ٿي چڪو آهي، هاڻي اِن جي پراڊڪشن يو اي اِي ۾ شروع ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.
عرب اِمارات جي عملدارن طرفان هيءَ موٽر سائيڪل ايمرجنسيءَ جي حالت دوران وارياسي علائقي ۾ ماڻهن جي ڳولا ۽ سڪيورٽيءَ لاءِ استعمال ڪئي ويندي.
هن موٽر سائيڪل ۾ فور اسٽروڪ پيٽرول انجڻ لڳل آهي، جيڪا 230 هارس پاور فراهم ڪندي آهي، جڏهن ته بجليءَ تي هلندڙ چار سائيڊ فينز اِن جي اڏام کي ڪنٽرول ڪرن ۾ مدد فراهم ڪن ٿا.
گڏيل عرب امارات ۾ تيار ڪيل هن موٽر سائيڪل جي قيمت نه ٻڌائي وئي آهي پر جاپان ۾ تيار ٿيل اڏامندڙ موٽر سائيڪل جي قيمت 5 لک 55 هزار ڊالر آهي.