مسجد اقصيٰ ۾ نمازين تي حملي ۽ گرفتارين بعد اسرائيلي پوليس 40 سالن کان ننڍي عمر جي ماڻھن کي مسجد ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.
العربيه نيوز موجب، اسرائيلي پوليس مسلسل ٽئين رات مسجد اقصيٰ ۾ داخل ٿي نمازين تي تشدد ڪيو ۽ فجر جي نماز دوران ايندڙ 40سالن کان گھٽ عمر جي ماڻھن کي مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.
ھن وقت به سموري بيت المقدس ۾ وڏي نفري مقرر آھي جيڪا نمازين کي مسجد ويندي سڃاڻپ جي نالي ھراسان ڪري رھي آھي، ٻه ڏينھن اڳ مسجد اقصيٰ مان حراست ۾ ورتل 3 سئو کان وڌيڪ نمازين کي به آزاد نه ڪيو ويو آھي.
ٽن ڏينھن کان جاري اسرائيلي پوليس جي جارحيت ۽ بربريت تي امريڪا سميت عالمي اڳواڻن ۽ ادارن تنقيد ڪندي اسرائيلي حڪومت کان مذھبي آزادي کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
سعودي عرب سميت اسلامي ملڪن به اسرائيلي پوليس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.