مسلم ليگ ق به ڳالهين لاءِ چار رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي صدارت هيٺ پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ هلندڙ بحران تي صلاح مشورا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ چيف آرگنائيزر چوڌري محمد سرور، طارق بشير چيما، نائب صدر چوڌري سالڪ حسين ۽ چوڌري شافع حسين شرڪت ڪئي.
ق ليگ جي اجلاس ۾ موجوده سياسي صورتحال، پنجاب ۾ چونڊن لاءِ پارٽي ٽڪيٽن جي ورڇ ۽ ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ پارٽي اڳواڻن پنجاب ۾ چونڊن لاءِ سٺن اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ان کانسواءِ ملڪ ۾هڪ ئي ڏينهن چونڊن بابت مفاهمتي عمل لاءِ پارٽي جي چار رڪني ڪميٽي جوڙي وئي.
ڪميٽيءَ ۾ چوڌري سرور، طارق بشير چيما، چوڌري سالڪ حسين ۽ چوڌري شافع حسين شامل هوندا.
ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري شجاعت حسين چيو ته ملڪ ڪنهن به صورت ادارن ۾ ورڇ برداشت نه ڪري سگهندو، سياسي اختلاف پاسيري رکي ملڪي مفاد لاءِ سياسي قوتن کي گڏ ويهڻ گهرجي.
چوڌري سرور چيو ته مسلم ليگ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون چاهي ٿي، ڌار ڌار چونڊون ٿيڻ سان سياسي بحران ۾ اضافو ٿيندو.