پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته مسلم ليگ نون جو گورنر هائوس پنجاب ۾ اجلاس اليڪشن ڪميشن لاءِ سواليا نشان آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته گورنر هائوس پنجاب ۾ مسلم ليگ نون جي ٽڪيٽن جا فيصلا ٿي رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن پنهنجا اختيار استعمال ڪري.
سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ مسلم ليگ نون جو صفايو ٿيڻ بعد گورنر هائوس کي استعمال ڪيو پيو وڃي.
پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مولانا فضل الرحمان جو به هڪ گورنر هائوس آهي ان لاءِ وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش ڪري رهيو آهي، عوام جي عدالت جو فيصلو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري آهي جنهن جو اعلان 8 فيبروري تي ٿيندو