مسڻ ۾ پوليس شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي 410 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس ڳجهي اطلاع تي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي جوابدارن ڪمون ڪولهي ۽ امرشي کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ شراب هٿ ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.