ڀارت ۾ ٿيندڙ حسن وارو مقابلو “مس انڊيا” راجسٿان جي 19ورھين جي نندني گپتا پنھنجي نالي ڪري ورتو، دھلي جي شريا پونجا ٻئي نمبر تي رھي.
ڀارتي ميڊيا موجب، مس انڊيا 2023ع جي فاتح نندني گپتا بزنس منيجمينٽ جي ڊگري حاصل ڪري رھي آھي، راجسٿان سان تعلق رکندڙ مس انڊيا جو ايندڙ حدف مس ورلڊ آھي.
نندني گپتا ٻڌايو تھ ھو 2000 ۾ مس ورلڊ بڻجڻندڙ پريانڪا چوپڙا کان متاثر آھي، جڏھن تھ ناليواري بزنس مين رتن ٽاٽا جي ڪاروباري ذھانت ۽ واپاري پاليسين جي تعريف ڪندي ھو اھڙي ڪامياب شخصيت بڻجڻ چاھي ٿي.
نندني گپتا ننڍي ھوندي کان ئي مختلف غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رھي آھي ۽ ھو فن ميزباني ۾ دلچسپي رکي ٿي ۽ شوبز ۾ پنھنجو نالو ٺاھڻ چاھي ٿي.