مصر، حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ آمريڪي سهڪار سان رفح ڪراسنگ کولڻ لاءِ ٺاهه ٿي ويو.
آمريڪي عملدار موجب رفح ڪراسنگ ذريعي 5 هزار کان وڌيڪ غير ملڪي غزه مان نڪري سگهندا، رفح ڪراسنگ مان آمريڪين ۽ ٻين جو پهريون گروپ غزه مان نڪري ويو.
آمريڪي عملدار وڌيڪ چيو ته غزه مان آمريڪين ۽ ٻين جي غزه مان ڪيترائي ڏينهن جاري رهڻ جو امڪان آهي، جيڪو آمريڪي غزه مان نڪرڻ چاهي ٿو ان جي واپسي يقيني بڻائي ويندي.
غزه سرحدي عملدارن جو چوڻ آهي ته رفح ڪراسنگ خميس تي به کليل رهندي، رفح ڪراسنگ غير ملڪي پاسپورٽ هولڊرز جي غزه کان مصر وڃڻ لاءِ کليل رهندي.