مصر جي قديم آثارن مان هڪ رستو دريافت ٿيو آهي.
مصر جي قديم آثارن جي مرڪزي داخلي رستي پويان لڪل 9 ميٽر ڊگهو ڪاريڊور دريافت ڪيو ويو آهي.
مصر جي آثارِ قديمه جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن دريافت سان قديم آثارن بابت وڌيڪ ڄاڻڻ جو موقعو فراهم ٿيندو.
چيو پيو وڃي ته هڪ سائنسي منصوبي دوران اِها دريافت ٿي، منصوبي دوران 2015ع کان جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري قديم آثارن جي اندروني حصن جي جاچ پڙتال ڪئي پئي وڃي…