ملائيشا جي عدالت گرفتار اڳوڻي وزيراعظم نجيب رزاق جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي.
نظرثاني جي درخواست رد ٿيڻ بعد اڳوڻي وزيراعظم وٽ عدالتي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جي آخري ڪوشش ختم ٿي وئي، ھاڻي نجيب رزاق وٽ پنھنجي سزا خلاف رڳو شاھي معافي جي درخواست جو رستو ئي بچيو آھي.
نجيب رزاق کي رياستي فنڊ ۾ اربين ڊالرن جي ڪرپشن ڪرڻ تي عدالت 12سال قيد جي سزا ٻڌائي ھئي.
وفاقي جج موجب، پنج رڪني بئنچ مان 4 ججن نجيب رزاق جي سزا تي نظرثاني جي درخواست رد ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو.
نجيب رزاق جي وڪيل جو چوڻ آھي تھ ھڪ جج جي اختلافي نوٽ سان وڌيڪ عدالتي ڪارروائي جو امڪان آھي.
واضح رھي تھ نجيب رزاق 2009 کان 2018ع تائين ملائيشيا جو وزيراعظم رھيو، 2020ع ۾ ھاءِ ڪورٽ کيس اعتماد جي ڏوھھ جي ڀڃڙي، طاقت جي غلط استعمال ۽ ون ايم بي ڊي ايم فنڊ جي اڳوڻي يونٽ سان تقريبن 10 ملين ڊالر غيرقانوني طور حاصل ڪرڻ لاءِ مني لانڊرنگ جو ڏوھي قرار ڏنو ھو.