نوبل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي پاڪستان جي وومين ڪرڪيٽ ليگ ۾ ٽيم خريد ڪرڻ جي خواھش ظاھر ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، ملالا يوسفزئي پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ليگ ۾ دلچسپي ظاھر ڪئي آھي ۽ ان جو اظھار ھن اڳوڻي چيئرمين رمين راجا بعد موجودھ بورڊ مئنيجمينٽ سان بھ ڪيو آھي.
ذريعن جو چوڻ آھي تھ ملالا يوسفزئي وومين ليگ جي ھڪ ٽيم خريد ڪرڻ چاھي ٿي ۽ ان حوالي سان ھن بورڊ کان وومين ليگ جي سموري عمل جي حوالي سان معلومات بھ ورتي آھي.
گذريل سال لاھور ۾ ملالا يوسفزئي وومين ڪرڪيٽرز سان خصوصي طور ملاقات بھ ڪئي ھئي.
واضح رھي تھ پي سي بي ھلندڙ سال پھرين وومين ليگ ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو، ھلندڙ سال پي ايس ايل جي موقعي تي وومين ليگ جي سلسلي ۾ ٽي نمائشي مئچون بھ ڪرايون ويون ھيون، نمائشي مئچن ۾ 10پرڏيھي رانديگرياڻين حصو ورتو ھو.