پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ اڄ لاهور ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ پي ايس ايل جي پهرين ڪواليفائر بابت بيان جاري ڪيو آهي.
پي سي بي پاران ٽوئٽر تي جاري بيان ۾ ٻڌايو ته اڄ ملتان سلطانز ۽ لاهور قلندرز جي وچ ۾ ٿيڻ واري ميچ شيڊيول موجب ٿيندي.
پي سي بي جي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ميچ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ئي کيڏيو ويندو.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اسلام آباد پوليس جي ٽيم لاهور پوليس جي وڏي نفري زمان پارڪ ۾ موجود آهي.