ملير جيل ۾ قيد 199ڀارتي مهاڻن ۽ ھڪ ڀارتي شھريءَ کي آزاد ڪيو ويو آهي.
ملير جيل انتظاميا طرفان سزا پوري ٿيڻ بعد 199 مهاڻن ۽ هڪ شهري کي آزاد ڪري اسپيشل برانچ حوالي ڪيو ويو، ٽرين ذريعي کين لاهور منتقل ڪري واگهه بارڊر تي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو.
ملير جيل جي سپرينٽڊنٽ سيد ارشد شاهه جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جي فيصلي تحت ڊسٽرڪٽ جيل ملير ۾ قيد ڀارتي مهاڻن جي سزا پوري ٿيڻ تي پهرين مرحلي ۾ هڪ شهري سميت 199مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو.
هن چيو ته ٻه ڀارتي قيدي گڙدن جي بيماري سبب علاج دوران فوت ٿي ويا جن جا لاش سندن ملڪ روانا ڪيا ويا هئا.
ملير جيل جي سپرينٽڊنٽ سيد ارشد شاهه موجب، آزاد ڪيل ڀارتي شهرين کي سڀاڻي ڀارتي اختيارن حوالي ڪيو ويندو.
واضح رهي ته وفاقي سرڪار پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ قيد 500ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
سمورن ڀارتي شهرين کي ٽن مرحلن دوران آزاد ڪري ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو.