تازه ترين

ملير: شاهه لطيف ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڇوٽو ٽولي جا 6 جوابدار گرفتار

- Advertisement -
ملير پوليس ڇوٽو ٽولي جي ڇهن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو آهي. شاهه لطيف واري علائقي ۾ پوليس  ڪارروائي ڪري ڇوٽو ٽولي جي ڇهن جوابدارن کي گرفتار ڪيو. پوليس گرفتار جوابدارن وٽان 3 پسٽل،  گوليون، 6 ڦر ڪيل موبائل فون، 4 موٽرسائيڪلون هٿ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ عبدالله، ابراهيم، امان الله، اشوڪ ۽ بلال ۽ ٻيا شامل آهن. پوليس موجب گرفتار جوابدارن تي اسٽيل ٽائون، شرافي ڳوٺ، شاهه لطيف ٽائون، ميمڻ ڳوٺ ۽ ٻين ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن، جوابدارن جي عمر 15 کان 17 سال آهي، جيڪي اڳ به جيل وڃي چڪا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث آهن ۽ جوابدار ڇوٽو ٽولي جي نالي سان مشهور ۽ خوف جي علامت هئا. پوليس موجب، گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون