ملير جي علائقي گلشن حديد ۾ قتل ٿيل ڪي اليڪٽرڪ جي ڊپٽي مئنيجر عمران نائچ جو مڙهه اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ اچڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي.
گذريل ڏينهن گلشن حديد واري علائقي ۾ گهر اندر ڪهي قتل ڪيل ڪي اليڪٽرڪ جي ڊپٽي مينيجر عمران نائچ جي قاتلن جي گرفتاري ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي.
گلشن حديد ۾ قتل واري هنڌ جا سي سي ٽي فٽيجز هٿ اچڻ جي باوجود اسٽيل ٽائون پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي.
اسٽيل ٽائون پوليس موجب، مقتول عمران نائچ جا وارث مڙهه کڻائي ڳوٺ ويل آهن جڏهن ته واقعي جا سي سي ٽي فٽيجز هٿ ڪري ورتا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون آهن وارثن جي مرضيءَ موجب ڪيس داخل ٿيڻ بعد جاچ جو دائرو وڌايو ويندو.
بيدرديءَ سان قتل ڪيل ڪي اليڪٽرڪ جي ڊپٽي مينيجر عمران نائچ جو مڙھه ميرپور ماٿيلي ڀرسان اباڻي ڳوٺ درويش نائچ ۾ پهچايو ويو.
اباڻي ڳوٺ ۾ عمران نائچ جي جنازي نماز ڪئي وئي جنهن ۾ وارثن سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جنازي نماز بعد عمران نائچ جو مڙهه مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو.