تازه ترين

ملير: گڏاپ ويجهو هٿياربندن جي ڦرلٽ، مزاحمت تي هڪ ڄڻو زخمي

- Advertisement -
ملير ۾ هٿياربندن پڪنڪ لاءِ آيل شهرين ۽ مسافرن کان ڦرلٽ ڪئي جڏهن ته مزاحمت تي هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڳوٺاڻن ۽ متاثرن پاران ڦر واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. گڏاپ ويجهو ڇهن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي روڊ بلاڪ ڪري ايندڙ مسافرن ۽ فارم هائوس تي پڪنڪ لاءِ آيل 60 کان وڌيڪ شهرين کان ڦرلٽ ڪئي. هٿياربندن مزاحمت ڪرڻ تي ڳوٺاڻي نجب الدين برفت کي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڳوٺاڻن ۽ متاثرن پاران ڦر واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڇهن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي روڊ بلاڪ ڪري ايندڙ مسافرن ۽ فارم هائوس تي پڪنڪ لاءِ آيل 60 کان وڌيڪ شهرين کان روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو. هنن چيو ته هٿياربندن مزاحمت ڪرڻ تي هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. سندن چوڻ هو ته احتجاج بعد پوليس پهچي رڳو احتجاج ڪندڙن سان ملاقات ڪري واپس هلي وئي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڦر واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سامان واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
21 %
2.8kmh
1 %
سُومر
27 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون