تازه ترين

ملير ۾ مبينا پوليس مقابلو ، 3 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

ملير ۾ پوليس مبينا مقابلي دوران ٽن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد ويجهو سومار ڳوٺ وٽ پوليس موٽرسائيڪل سوار ٽن ڄڻن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.

جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني جڏهن ته پوليس جوابي ڪارروائي ڪندي ٽنهي ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدارن جي حسيب پٽ ياسين، غلام علي پٽ غلام شبير ۽ فرحان علي پٽ عبدالغفور طور سڃاڻپ ٿي آهي.

پوليس موجب، گرفتار جوابدارن وٽان 2 پسٽل، 4 موبائل فون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٽنهي جوابدارن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون