تازه ترين

ملڪي ترقيءَ لاءِ اڻوندڙ فيصلا ڪرڻا پوندا، ذاتي پسند نا پسند کان مٿانهون ملڪي مفاد لاءِ سوچڻو پوندو؛ وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ملڪي ترقيءَ لاءِ اڻوندڙ فيصلا ڪرڻا پوندا، ذاتي پسند نا پسند کان مٿانهون ملڪي مفاد لاءِ سوچڻو پوندو، سڀ کان وڏو مسئلو معاشي استحڪام آهي، ان لاءِ وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪم ڪن، ڏکيائين کي چئلينج سمجهي هو ان جو مقابلو ڪندا، سيڙپڪاري ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکي ٿي. ڪراچيءَ ۾ گورنر ڪامران ٽسوري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ واپاري برادريءَ کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته ملڪي ترقيءَ لاءِ کين ڪاروباري ماڻهن جي ضرروت آهي، عزم ڪيو وڃي ته پنجن ورهين ۾ ايڪسپورٽ کي ٻيڻو ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويو آهي، ان کي اڳتي آڻڻو پوندو، سمگلنگ جي خاتمي تي زور  ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪجهه ادارا خانگايا پيا وڃن، هو خاطري ٿو ڪرائي ته خانگائڻ وارو عمل شفاف هوندو. شهبازشريف چيو ته  انڊسٽري هلائڻ حڪومت نه پر  واپارين جو ڪم آهي، هو پاليسي ٺاهيندا آهن، ڪاروباري ڪميونٽي جا جائز مطالبا پورا ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته ڪاروباري ماڻهن جو ڌيان ايڪسپورٽ وڌائڻ تي هجڻ گهرجي، واپاري لڏو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ واري حيثيت رکن ٿا، سندن صلاح مشوري سان سٺيون پاليسون ٺاهيون وينديون. شهبازشريف چيو ته ڪو فرق نٿو پوي ته ڪهڙي صوبي ۾ ڪنهن جي حڪومت آهي، کين ذاتي پسند نا پسند کان مٿانهون ٿي گڏجي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته  سڀ کان وڏو مسئلو معاشي استحڪام آهي، ان لاءِ وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪم ڪن، ڏکيائين کي چئلينج سمجهي هو ان جو مقابلو ڪندا. ان موقعي تي واپارين وزيراعظم کي ڀارت سميت پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن بهتر ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ بانيءَ سان ڳالهين جي تجويز ڏني.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون