توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي نظام مڪمل طور بحال ڪيو ويو آهي، سسٽم ۾ پرڏيهي مداخلت جي خدشن جي جاچ ڪئي ويندي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خرم دستگير چيو ته ملڪ ۾ اين ٽي ڊي سي جي 1112 گرڊ اسٽيشنون آهن جيڪي بحال ڪيو ويون آهن جنهن بعد ملڪ ۾ بجلي جو نظام مڪمل طوربحال ٿي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ساڍي 7 وڳي بني خرابي ٿي هئي جنهن جو اڃان تائين ڪو پتپ ناهي پئجي سگهيو، ڪجهه اهڙيون شيون ٿيون آهن جنهن مان لڳي ٿو ته پرڏيهي سازش ٿي آهي.
توانائي واري وزير چيو ته جوهري پلانٽ کي ٻيهر شروع ٿيڻ ۾ 24 کان 48 ڪلاڪ گهربل آهن، جڏهن ته ڪوئلي جي پلانٽ کي به 48 ڪلاڪ گهربل آهن، ملڪ ۾ 48 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ رهندي، جڏهن ته ٻئي ڏهاڙي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.
هن چيو ته اڳوڻي حڪومت چئن سالن کان وٺي سسٽم تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، سکر ۽ ملتان جي ڪجهه علائقن ۾ بجلي فراهمي جاري، پيسڪو ۽ آئيسڪو جي گرڊ اسٽيشنن تي بجلي بحال آهي.
هن چيو ته گذريل ڏينهن ٻوڏ متاثر علائقن ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه ۾ بجلي بحال هئي.