قومي اسيمبليءَ اسرائيلي اڳرائيءَ خلاف ٺهراءَ منظور ڪري ورتو، وفاقي وزير شازيا مريم جو چوڻ آهي ته ملڪ جي صورتحال خطرناڪ آهي، سياسي ۽ معاشي استحڪام جي ضرورت آهي، آئين سان هٿ چراند ڪئي وئي ته ملڪ ڪمزور ٿيندو.
قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مسجد اقصيٰ ۾ اسرائيلي اڳرائي خلاف مذهتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.
اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شازيا مري چيو ته عدليا کي ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس نظر ڇو نه ٿو اچي، صدارتي ريفرنس کي ٻارهن سال ٿي ويا آهن پر ان تي ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.
هن چيو ته عمران خان ڪرپٽ ترين شخص آهي، سڀني لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ هجڻ گهرجي.
شازيا مري چيو ته پاڪستان ۾چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجي، ملڪ غير يقيني واري صورتحال برداشت نه ڪري سگهندو.
وفاقي وزير چيو ته عمران نيازي ملڪ جي ٻارن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، چوي ٿو جيڪو ساڻس گڏ روڊن تي نه نڪتو الله ان کي معاف نه ڪندو.
شازيا مري چيو ته جهڙيءَ ريت ايگزيڪٽو کي عدليا ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي ائين عدليا کي به ايگزيڪيٽو جا اختيار نه اورانگهڻ گهرجن.