تازه ترين

ملڪ جي مختلف شهرن مان غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري

ملڪ جي مختلف شهرن مان غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت وڌيڪ 3 هزار 396 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري پنهنجي ملڪ هليا ويا جنهن بعد هن وقت تائين مجموعي طور 4 لک 93 هزار 648 افغان شهري پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب، 15 فيبروري کان 19 فيبروري تائين وڌيڪ 3 هزار 396 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري پنهنجي ملڪ هليا ويا، واپس ويندڙن ۾ هڪ هزار 245 مرد، هڪ هزار 25 عورتون ۽ هڪ هزار 914 ٻارڙا شامل آهن.

افغانستان روانگي لاءِ 124 گاڏين ۾ 210 خاندانن جي وطن واپسي عمل ۾ آندي وئي.

وفاقي حڪومت جي اعلان کان اڳ غيرقانوني افغان شهري گهڻي انگ ۾ گرفتاري جي خوف کان واپس افغانستان ويندا رهيا جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين مجموعي طور 4 لک 93 هزار 648 افغان شهري پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن.

ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو جنهن سبب سمگلنگ ۽ ڀتاخوري سميت ٻيا سنگين ڏوهه عام هئا جڏهن ته حڪومت ۽ عسڪري قيادت جي گڏيل ڪوششن سان ملڪ مان غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جي نيڪالي جو سلسلو جاري آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون