ملڪ جي مختلف شھرن ۾ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي آھي.
ڪوئٽا ۾ اٽي جي قيمت ۾ في ڪلو 5رپين جي واڌ ٿي آھي ۽ في ڪلو 150 رپيا ٿي ويو آھن جنھن ڪري مھانگائي جو سٽيل عوام وڌيڪ پريشان آھي.
مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آھي تھ اٽي جي في ڪلو قيمت 145 رپين مان وڌي 150 رپيا ٿي وئي آھي، 20ڪلو اٽي جي قيمت 2900 رپين مان وڌي 3ھزار رپيا ٿي وئي آھي.
پشاور ۾ فائن اٽي جي 20ڪلو جي قيمت 3ھزار 5سئو رپيا ٿي وئي آھي، ھول سيل مارڪيٽ ۾ 20ڪلو مڪس اٽو 3ھزار 350 رپين ۾ وڪرو ٿي رھيو آھي .
اٽي جي ڊيلرز جو چوڻ آھي تھ پنجاب مان ڪڻڪ گھرائڻ تي پابندي سبب قيمتون گھٽ نھ ٿي رھيون آھن.