ملڪ سون وڌيڪ مھانگو ٿي ويو، في تولي جي قيمت ۾ اڄ 6سئو رپين جي واڌ ٿي آھي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي جي قيمت 6سئو رپين مان وڌي وئي آھي جنھن بعد ملڪ ۾ في تولي جي قيمت 2لک 18 ھزار 3سئو رپيا ٿي وئي آھي.
ان کانسواءِ 10گرام سون 514 رپيا مھانگو ٿي ھڪ لک 87 ھزار 157 رپين جو ٿي ويو آھي.
عالمي بازار ۾ سون جو ملھھ ھڪ ڊالر گھٽ ٿيڻ بعد 2001 ڊالر في اونس آھي.