نيشنل گرڊ ۾ فني خرابي سبب بجلي جي ٿيل وڏي بريڪ ڊائون بعد اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ بجلي جي فراهمي بحال ڪرڻ جو عمل جاري آهي، ڪجهه شھرن ۾ جزوي بجلي بحال ڪئي وئي آھي.
سومر جو صبح ساڍي ستين وڳي نيشنل گرڊ ۾ فني خرابي سبب سڄي ملڪ ۾بجليءَ جو ڊگھو بريڪ ڊائون ٿيو جيڪو مختلف شهرن ۾ اڃا تائين جاري آهي.
توانائي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان چيو ويو ته سومر جو صبح ساڍي ستين وڳي نيشنل گرڊ جي سسٽم فريڪوئنسي ۾ گهٽتائي ٿي جنهن سبب بجلي جي نظام ۾ وڏو بريڪ ڊائون ٿيو، سسٽم جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي، وارسڪ کان گرڊ اسٽيشنن جي بحالي جي شروعات ڪئي وئي آهي.
وزارت جي ترجمان چيو ته اسلام آباد سپلائي ڪمپني ۽ پشاور سپلائي ڪمپني جا ڪجهه گرڊ بحال ڪيا ويا آهن، خرابي اين ٽي ڊي سي جي گڊو کان بلوچستان ويندڙ لائن ۾ ٿي آهي، بريڪ ڊائون سبب سڄي ملڪ ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي ، ليسڪو ۾ به سموريون گرڊ اسٽيشنون بند ٿي ويون.
هائي ٽرانسميشن لائن ۾ فني خرابي سبب گڊو پاور جا هلندڙ چار يونٽ ٽرپ ٿيڻ سبب پاور هائوس مان پيدا ٿيندڙ 370 ميگاواٽ بجلي پيداوار سسٽم مان بند ٿي وئي.
حيسڪو ترجمان موجب، ريجنل ڪنٽرول سينٽر ڄامشورو طرفان ٻڌايو ويو ته سومر جي صبح 7 لڳي 35 منٽن تي 500 ڪي وي جو سرڪٽ ٽرپ ٿيو جنهن سبب حيسڪو ريجن جي 78 گرڊ اسٽيشنن کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي.
ٽرانسميشن لائن ۽ پاور پلانٽ جي وچ ۾ ڪنيڪشن ڪٽجڻ سبب بجلي جي فريڪوئنسي گهٽ ٿي وئي جنهن سبب ڪيسڪيڊنگ ٿي ۽ هڪ، هڪ ٿي پاور پلانٽ ٽرپ ٿي ويا، بجلي بند ٿيڻ جا ٻيا سبب ۽ مسئلن جي ڳولا ڪئي وئي وڃي.
پاور پلانٽس بند ٿيڻ سبب سنڌ صوبي جي اڪثر ضلعن، ڏکڻ پنجاب، سينٽرل پنجاب، ليسڪو ۽ آئيسڪو جي اڪثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل رهي، بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب ڪي اليڪٽرڪ کي ملندڙ بجلي جي فراهمي به بند ٿي وئي جنهن سبب ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙ نظام ۾ پڻ خلل پيو.
حڪومت طرفان رات ڏھين وڳي تائين بجلي بحال ٿيڻ جي ڊيڊ لائن ڏني وئي پر اُن وقت تائين ڪجھ شھرن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي، ڪراچي سميت ملڪ جا ڪيترائي علائقا اونداھيءَ ۾ ٻڏل رهيا.
ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب ڪراچي جي ڪلفٽن، ڊفينس، ڪورنگي، قيوم آباد، گلستان جوهر، گلشن اقبال ۽ ايف بي ايريا جي مختلف علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي ويئي آهي.